جن سنگ ٻوٽي

جن سنگ ٻوٽي: جن سنگ ٻوٽي يوناني يا آيورويدڪ طب ۾ استعمال نه ڪئي ويندي هئي، نه ئي طبي ڪتابن ۾ هن ٻوٽيءَ جو ذڪر آهي، هن ٻوٽي کي شهرت جاپان، چين، روس ۽ ڪوريا کان ملي. انهيءَ لاءِ ته اتي پراڻي زماني کان استعمال ٿيندي پئي آئي، مختلف ملڪن جي حوالي سان هن جا نالا به مختلف رکيا ويا. هن ٻوٽيءَ جا ساواڻ مائل سفيد گل هوندا آهن. پن هڪ ئي ڏانڊيءَ ۾ هوندا آهن. چوٿين سال وڃي هن ۾ گل لڳندا آهن. هن ٻوٽيءَ جي پاڙ ٽي کان چار ملي ميٽر هوندي آهي. هن جو مزاج گرم تر آهي ۽ هن جي گهڻي استعمال سان بي چيني، بي خوابي، دست ۽ جلندر جي خرابي ٿي سگھي ٿو.


لفظ جن سنگ ٻوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو